ريوند چيني

ريوند چيني: ڀوري رنگ جي ڳنڍ وانگر هڪ پاڙ، جيڪا ذائقي ۾ تيز ۽ ڪڙي ٿيندي آهي. معدني ۽ حيواني زهرن لاءِ ترياق آهي. حڪيمن موجب ٻرهل ۽ جگر جي سدن کي تحليل ڪري ٿو. گردن ۽ مثاني کي تقويت ڏئي ٿي. پٿرين ۽ غلط خلطن کي پچائي دستن رستي ٻاهر ڪڍي ٿي. پيشاب ۽ حيض جاري ڪري ٿي، پردن آنڊي جي بيمارين، کنگهه، دمشڪي، سل. ڦٽ ڦرڙين. فالج، لقو، وائيءَ بادي جي سور، وات جي پچڻ، ڦرڙين ۽ دماغي بيمارين ۾ مفيد آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو